انيل دلپت

انيل دلپت

انيل دلپت

انيل دلپت: پاڪستان لاءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندڙ پھريون هندو رانديگر انيل ولد دلپت سوناواريا 20 سيپٽمبر 1963ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هي 1984ع دوران ڪراچي ۾انگلنڊ خلا ف پھرين هوم (گهرو) سيريز ٽيسٽ ميچ کيڏيو، ان ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ٽن وڪيٽن تان کٽيو. مشھور وڪيٽ ڪيپر وسيم باري جي رٽائرمينٽ کانپوءِ کيس وڪيٽ ڪيپر طور موقعو ڏنو ويو. 1985ع ۾ ڪراچي ۾ نيوزيلئنڊ خلاف هن پنھنجي نوَ ٽيسٽ ميچن ۾ 25 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ هڪ ٽيسٽ ميچ ۾ 52 رنسون ٺاهيون. ملڪي سطح تي 67 رانديگرن کي آئوٽ ڪرڻ جو سندس رڪارڊ آهي. جنوري 1985ع ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلئنڊ جو دؤرو ڪيو ته انيل دلپت به ٽيم ۾ شامل هو. هن آخري مئچ آڪٽوبر 1986ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف پشاور ۾ کيڏيو. هن 1984ع کان 1986ع جي مختصر عرصي ۾ پاڪستان لاءِ 9 ٽيسٽ ميچ ۽ 15 هڪ روزه بين الاقوامي مئچ کيڏيا. ڪرڪيٽ مان رٽائرمينٽ کانپوءِ پنھنجي ڪٽنب سميت مستقل طور ڪئناڊا ۾ ئي رهڻ لڳو.


لفظ انيل دلپتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.09.20  عيسوي

پاڪستان لاءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندڙ پھريون هندو رانديگر انيل ولد دلپت سوناواريا 20 سيپٽمبر 1963ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ميرعلي نواز علوي شڪارپوري
بودلو سميجو
شادي خان چانڊيو
جارج-6
سنت ڌڻي ماتنگ ڏيو
محمد ايوب ساند
ابن بيطار
سورٺ ٿيٻو
روشن آرا مغل
چارلس اوليونٽ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون